قاضي احمد (اسپورٽس نيوز) سروري ڪرڪيٽ ليگ ايڊيشن 4 قاضي احمد جو فائنل سروري ڪرڪيٽ گرائونڊ نازباغ قاضي احمد تي ٿي گذريو جنهن ۾  ستن  کان وڌيڪ تعلقي قاضي احمد جي ٽيمن حصو ورتو، فائنل جتوئي چيلجرس قاضي احمد ۽ الشھباز قاضي احمد ۾ ٿيو  پھريان بيٽنگ ڪندي جتوئي  چيلنجرس 216 جو ٽارگيٽ ڏنو الشھباز 175 رنسن تي ڍير ٿي وئي جتوئي چيلينجرس ميچ کٽي ورتي جتوئي چيلينجرس جي راشد ڀٽو 127 نعيم ڏاھري 53 جڏهن ته الشهباز ڪرڪيٽ ٽيم جي سائين بخش بوزدار 81 رنسون ٺاھي راشدعلي ڀٽو مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو مھمان خاص سماجي اڳواڻ رئيس ماجد علي انڙ ونر ٽيم کي ونر ٽرافي ۽ ڪيش انعام ڏنا، جڏهن ته  ڪرڪيٽ راند جي شوقينن شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي راند مان لطف اندوز ٿيا ۽ تاڙيون وڄائي رانديگرن کي داد ڏنو .