قاضي احمد ۾ درياءَ بچايو ڪاميٽي جو مارچ: اپريل ۾ تحريڪ نئون رخ اختيار ڪندي: زين شاهه

0
25
قاضي احمد ۾ درياءَ بچايو ڪاميٽي جو مارچ: اپريل ۾ تحريڪ نئون رخ اختيار ڪندي: زين شاهه
قاضي احمد ۾ درياءَ بچايو ڪاميٽي جو مارچ: اپريل ۾ تحريڪ نئون رخ اختيار ڪندي: زين شاهه

ميهڙ/ قاضي احمد / نصير آباد(نمائندن وٽان) تڪراري ڪئنالن خلاف درياءَ بچايو ڪاميٽي جي ڪنوينر سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ 20 ڪلوميٽر مارچ ڪيو ويو، سڪرنڊ جي ڳوٺ فتح پور کان قاضي احمد تائين مارچ ۾ ڪارڪنن سوڌو وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي، مين روڊ تي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو ته اپريل مھيني ۾ درياءَ بچايو تحريڪ نئون رخ اختيار ڪندي، لکين ماڻھو روڊن تي نڪرندا، ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن، هن چيو ته سنڌ جي هر طبقي پ پ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي، ڪئنالن تي ڪم ڏيڍ سال کان هلي پيو، ڪئنال ٺهيا ته سنڌ بنجر بڻجي ويندي، هن چيو ته پ پ اليڪشن کان اڳ سنڌ جي پاڻي ۽ زمينن جو سودو ڪري آئي آهي، هن چيو ته 6 ڪينالن جي منظوري وزير اعظم ۽ وزير اعليٰ نه پر اها صدر آصف زرداري ڏني آهي، هن چيو ته اسان وڪيلن، دوڪاندارن، آبادگارن، شاگردن ۽ شهرين کي اپيل ٿا ڪريون ته سڀ گڏ ٿيو ۽ پنهنجو درياءَ ۽ ڌرتي بچايو، هن چيو ته حڪمرانن ڪالھه جيڪو احتجاج ڪري موقف ڏنو ان کي سنڌ جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته پ پ وارن کان پڇيو وڃي ته جيڪڏهن ٽيوب ويل ٿو ٺهي ته پوءِ اوهان ڪهڙي خوشي ۾ نڪتا آهيو، زين شاهه چيو ته سنڌ جي عوام دشمن کي صحيح سڃاتو آھي، سنڌ جو عوام همت ڪري، پاڻ اڌ جنگ کٽي ورتي آهي، سنڌ جا لکين ماڻهو ساٿ ڏين ته سنڌو درياءَ کي بچائي سگهون ٿا، هن چيو ته هو 4 اپريل تي وري غلط بياني ڪندا ۽ 5 اپريل تي وري اسان ۽ سنڌ جا ماڻهو ان غلط بياني کي رد ڪندا. هوڏانهن ميهڙ ۾خطاب ڪندي زين شاه چيو ته سنڌ جي ماڻھن پيپلزپارٽي جي اعلان کي ٿڏي ۽ رد ڪري ڇڏيو آھي پيپلزپارٽيءَ سنڌ جي ماڻھن کي گھمراہ پئي ڪري پھريان چون پيا ته ڪئنال ڪون ٿا ٺھن ۽ ھاڻي وري ڪئنالن خلاف احتجاج پيا ڪن. ان کان سواءِ زين شاهه نصير آباد ۾ ڪارڪنن جي ميڙ کي به خطاب ڪيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ افطار پارٽي ۾ شرڪت ڪئي.