قاضي احمد(ن پ ا) قاضي احمد لڳ سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ پورھيت مزدور بلاول اوڏ بٺي مالڪ جي مبينا تشدد سبب بيھوش ٿي ويو عورتن مردن جو پوليس ۽ بٺي مالڪ خلاف ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو. وزير اوڏ، لکي اوڏ ۽ ٻين چيو ته اسان سيٺ ميوو پٺاڻ جي سرن جي بٺي تي ڪم ڪندا آھيون.سيٺ جي ٻڪرين جي لتاڙ سبب ڪچيون سرون ڀڄي پيون. جنھن تان سيٺ ۽ ان جي ماڻھن بلاول اوڏ مٿان وحشياڻو سخت تشدد ڪيو تشدد سبب ھو بيھوش ٿي ويو جنھن کي ٿاڻي تي کڻي آياسين. پوليس رپورٽ داخل ڪرڻ بدران ٿاڻي مان ڌڪا ڏئي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي. پوليس موجب بٺي مالڪ ۽ مزدورن ۾ منھن ماري ٿي. جنھن دوران تشدد ۾ ھڪ مزدور بيھوش ٿيو آھي، جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آھي الزام هيٺ آيل بٺي مالڪ اھڙن الزامن کي رد ڪندي چيو ته سرن جو وڏو نقصان ڪيو ويو آھي. کين روڪيو ته وري اھڙو هٿ سان معامرو پيدا ڪري ٿاڻي تي پهتا آھن.