قاضي احمد ۾ ايس ايس پي آڏو مغوي نارين جي وارثن جون دانهون، عورتن پاران روا لاهي احتجاج

0
18
قاضي احمد ۾ ايس ايس پي آڏو مغوي نارين جي وارثن جون دانهون، عورتن پاران روا لاهي احتجاج
قاضي احمد ۾ ايس ايس پي آڏو مغوي نارين جي وارثن جون دانهون، عورتن پاران روا لاهي احتجاج

قاضي احمد(ن پ ا) قاضي احمد ۾ ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد شبير سيٺار ٿاڻي تي کليل ڪچھري ڪئي، جنهن دوران علائقي واسين موٽرسائيڪل چوري، ڦرن، ڌاڙن توڙي منشيات وڪري خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، ڪچهري ۾ ڳوٺ علڻ چانڊيو مان مبينا اغوا ٿي ويل ناري سنڌيا باگڙي جي امڙ جمنا باگڙي، پيءُ ڀڳتو باگڙي سميت وڏي انگ ۾ باگڙي برادري جون عورتون مٿان اگھاڙا ڪري دانهون ۽ ماتم ڪندي پهتيون، ايس ايس پي نوٽيس وٺندي واقعي ۾ ملوث جوابدار عاشق چانڊيو کي فوري گرفتار ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون، هوڏانهن ڳوٺ الھبچايو سابقي واسي پيرسن عبدالڪريم سابقي پنھنجي ڌيءُ مسمات مومل سابقي جي مبينا اغوا خلاف دانهون ڪندي اکين مان لڙڪ لاڙي ويٺو جنهن تي  ايس ايس پي فوري طور تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد ڪيس داخل ڪيو ويو، کلئي ڪچهري ۾ شھر مان ٻن ڄڻن گوبند باگڙي ۽ عبدالله چانڊيو جون موٽرسائيڪلون چاٻي چور ڪاهي فرار ٿي ويا، متاثرن ايس ايس پي وٽ پهچي اھڙي شڪايت ڪئي، ايس ايس پي چيو ته ھڪ مھيني ۾ 700 کان وڌيڪ منشيات ايڪٽ تحت ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن، هن ايس ايچ او کي هدايت ڪندي چيو ته ڦر ٿيندڙ موٽر سائيڪلون هڪ هفتي ۾ رڪور ڪرائي مالڪن حوالي ڪيون وڃن.