قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ۽ ڀرپاسي اڍائي مھينا اڳ پيل برسات جو مٿاھين وارن علائقن مان ڇوڙ ڪيل پاڻي اڃا تائين نيڪال ناهي ڪرايو ويو، جنهن ڪري سانوڻ خاصخيلي، مير خان خاصخيلي، سلطان خاصخيلي، علي خان خاصخيلي سميت ٻيا ڳوٺ پاڻي هيٺ آيل آهن، جتي 3 کان 4 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، هوڏانهن ڄاڻايل ڳوٺن جا متاثر روڊ جي ڪنڌي تي بي يارو مددگار ويٺل آھن، جن جي ڪير به سار لهڻ وارو ناهي، ان ڏس ۾ متاثر ڳوٺاڻن منٺار زرداري، غلام نبي زرداري، زاھدهه زرداري، گھرام خاصخيلي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سندن ڳوٺن کي هٿ سان ٻوڙيو ويو، برسات کي اڍائي مھينا گذرڻ باوجود پاڻي نيڪال نه پيو ڪرايو وڃي، ھنن چيو ته چونڊيل نمائندن ڪا به پرگهور ناهي لڌي، هنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي واھر ڪئي وڃي.