قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد جي ڳوٺ وال خان چانڊيو ۽ شڪل چانڊيو واسي چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن تڪرار جو نبيرو محمد خان جوڻيجو جي سرپئنچي هيٺ ٿيو، جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد الھه بخش چانڊيو ۽ علي حيدر چانڊيو تي هڪ ڄڻي غلام سرور چانڊيو جو خون ثابت ٿيو، جنهن مٿان 68 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو، جڏھن ته ٻئي ڌر جي عبدالعزيز چانڊيو ۽ علي اڪبر چانڊيو مٿان ولي محمد عرف وال خان چانڊيو جو خون ثابت ٿيڻ تي 68 لک روپيا ڏنڊ پيو، مجموعي طور جھيڙيندڙ ڌرين مٿان هڪ ڪروڙ 32 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو، ڏنڊ جي رقم ٻئي ڌريون 3 مھينن دوران فيصلي جي امين حاجي علي نواز چانڊيو وٽ جمع ڪرائينديون، جنهن بعد ڪيسن تان هٿ کنيو ويندو، ڪارنھن تڪرار ۾ ھڪ عورت سميت 4 ماڻھو قتل ٿي ويا هئا.