قاضي احمد(ن پ ا) قاضي احمد لڳ ڳوٺ مٺاخان جوکيو ۾ نڪاح دوران گھوٽ ياسين جوکيو ۽ سندس يونيورسٽي جي شاگرد دوستن طرفان سنڌو درياءَ مان تڪراري6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي گهوٽ ياسين جوکيو ۽ سندس ڪلاس فيلو دوستن احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي لاءِ پهريائين سنڌو درياءُ آهي پوءِ ذاتي خوشيون آهن، سنڌو درياءُ هوندو ته اسان به خوش هونداسين، هنن چيو ته ڪئنال ڪڍڻ سان اسان جون زرخيز زمينون بنجر ٿي وينديون، سنڌ تباھ برباد ٿي ويندي، تنهنڪري اسان ڪڏهن به سنڌو درياهه تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين.