قاضي احمد(ن پ ا) قاضي احمد لڳ ڳوٺ ھبيري واسي مريم ڏاهري احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيو ته پٻجو پوليس گھر تي چڙھائي ڪري چادر ۽ چويواري جو تقدس پائمال ڪندي ڀتيون ٽپي گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي هن چيو ته پوليس عورتن کي وارن مان گهلي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ٽن ڄڻن مقتول دائود ڏاھري جي قتل ڪيس جي فريادي سليم ڏاھري، ظھير ڏاھري ۽ جميل ڏاھري کي سخت مارڪٽ ڪري کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، مقتول دائود جي گھر واري ممتاز بيگم ڏاھري چيو ته اڳوڻي صوبائي وزير خان محمد ڏاهري قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي پٺڀرائي ڪندي قتل ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي، جڏهن ته پوليس به بااثر جي ونگارو بڻيل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پٻجو پوليس جي گهر تي چڙهائي جي جاچ ڪرائي ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.