قاضي احمد/سڪرنڊ(رپورٽ: الهه رکيو سيال/نياز چانڊيو) قاضي احمد لڳ جوابدار ڪارنهن الزام ۾ زال، ڀيڻ ۽ زمين ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان کي فائرنگڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار، خبر موجب ناصري ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن الزام ۾ جوابدار عمر چانڊيو پنهنجي زال ميرزادي چانڊيو ۽ ڀيڻ زاهدهه چانڊيو کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب ڳوٺ اشرف مھر واسي 18 سالا نوجوان حاڪم علي مھر سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي سيوهڻ اسپتال نيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، آمري پل ڀرسان ڪارنهن الزام ۾ 3 ڄڻن جي قتل واري واقعي بعد اطلاع ملڻ تي ناصري پوليس پھچي مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي مقامي اسپتال منتقل ڪيا، ايس ايچ او ظفر کوسو ٻڌايو ته چانڊيا برادري جي جوابدار عمر چانڊيو فائرنگ ڪري پنھنجي زال ۽ نوجوان ڀيڻ کي گهر اندر ۽ ڪارنهن الزام هيٺ مھر برادري جي نوجوان حاڪم علي مهر کي ڪڻڪ جي لاباري دوران فصل ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو، جوابدار گھر ڇڏي فرار ٿي ويو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي هئي.

چانڊيا ڌر جي 5 هٿياربندن نوجوان کي روڪي قتل ڪيو: وارث

قاضي احمد: ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيل نوجوان حاڪم علي مهر جي چاچي غلام رسول مهر صحافين کي ٻڌايو ته چانڊيا برادري جي 5 کان وڌيڪ هٿياربندن حاڪم مهر کي زمين تان شهر ايندي روڪي بيگناهه قتل ڪيو، جڏھن ته جوابدار هڪ ڄڻي آصف مهر کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، هن چيو ته اسان جي  زمين ڦٻائڻ لاءِ پنهجي گهر ۾ عورتن کي به بيگناھ قتل ڪري ان جي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام لڳايو پيو وڃي، هن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿن قتل ڪيس داخل ڪيو وڃي.

جوابدار 6 سال اڳ به 2 عورتن ۽ هڪ همراهه کي قتل ڪيو

قاضي احمد: ڪارنھن الزام هيٺ زال، ڀيڻ ۽ نوجوان کي فائرنگ ڪري قتل ڪندڙ جوابدار عمر چانڊيو 2019 ۾ به قاضي احمد لڳ ڳوٺ علي نواز چانڊيو ۾ ٻن سڳين ڀينرن مائرا چانڊيو، صائما چانڊيو ۽ مبين چانڊيو کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو هو، قتل واقعي بعد هو جمال شاھ جي علائقي مان لڏ پلاڻ ڪري ناصري ڀرسان ڪچي جي علائقي ۾ اچي رهيو هو، جتي هن ٻيھر ڪارنهن الزام ۾ پنهنجي ڀيڻ، زال ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.

پٽ ڪارنهن الزام ۾ زال، ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪيو: جوابدار جو والد

سڪرنڊ: اسپتال ۾ موجود جوابدار عمر چانڊيو جي والد مير خان چانڊيو ٻڌايو ته منهنجي پٽ ڪارنهن الزام ۾ پنهنجي زال، ڀيڻ ۽ نوجوان حاڪم مهر کي قتل ڪيو آهي، هن چيو ته نوجوان گهر ۾ داخل ٿيو هو ۽ ڪجهه وقت پهريان به اسان هن کي منع ڪئي هئي پر هو نه مڙيو، جنهن ڪري عمر نوجوان ۽ پنهنجي زال ۽ ڀيڻ کي قتل ڪيو.

پوليس جا مختلف هنڌن تي ڇاپا، جوابدار هٿ نه آيو

قاضي احمد: ناصري پوليس واقعي بعد فرار ٿي ويل جوابدار عمر چانڊِو جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پر هو هٿ اچي نه سگهيو، پوليس موجب جوابدار کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.