قاضي احمد(ن پ ا) قاضي احمد ۾ ريحانا انڙ مٿان مبينا تشدد جي داخل ڪيل ڪيس ۾ وڏيري مختيار ناز ڌاريجو، راڻي عرف مقبول زادي ڌاريجو، قمر الدين ڌاريجو، امين انڙ، جاويد آرائين ۽ مسمات ملڪه خاصخيلي جي گرفتاري کان اڳ ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج نواب شاهه جي عدالت ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، مختيار ناز ڌاريجو جي وڪيل راشد ماڃوٺو جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت جوابدارن جي 50 – 50 ھزار روپين جي مچلڪن عيوض گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي، وڏيري مختيار ناز ڌاريجو چيو ته عدالت مان انصاف جي اميد آھي، ڪوڙو ڪيس داخل ڪري منهنجي سياسي ساک کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، اھڙن ڪيسن کان نه ٿي ڊڄان، خانداني معامرن کي رستن تي آندو ويو آهي، ملڪيت جي ورهاست جي بھاني مون سميت خاندان خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو.