قاضي احمد(ن پ ا) قاضي احمد ويجهو ناصري ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير نظر محمد شاھه واسي 18سالا عبدالمنان انڙ ۽ ڳوٺ يار محمد ٽانوري واسي 18 سالا عبدالرشيد ٽانوري 3 ڏينھن کان پراسرارآهن، نوجوانن جي وارثن موجب 3 ڏينھن اڳ نوجوان گھران نڪرڻ بعد واپس نه موٽيا، نوجوانن جي ڪافي ڳولا ڪئي آهي پر ڪٿي به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، وارثن انتظاميا کي اپيل ڪئي ته نوجوانن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.