قاضي احمد(رپورٽ: الهه رکيو سيال) قاضي احمد ويجهو گھرجي ڀت ڪرڻ سبب معصوم ڀاءُ ۽ 2 ڀينرون دٻجي فوت، خبر موجب ڳوٺ ماستر محمد نواز راجپوت ۾ گھر اندر ڪچي ڀت ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ معصوم ڀاءُ ۽ ٻه ڀينرون دٻجي ٿڏي تي فوت ٿي ويون، ڀت ڪرڻ سبب فوت ٿيلن ۾ پھرين ڪلاس جو شاگرد 10  سالا ارسلان آرائين، 8 سالا عائشا آرائين ۽ 4 سالا عليشا آرائين شامل آهن، واقعي بابت فوتي ٻارڙن جي والد عمران علي آرائين ٻڌايو گذريل برساتن سبب گھر جي ڀت جي حالت خراب ٿي وئي هئي، ٽئي ٻارڙا راند کيڏي رهيا هئا ته اوچتو ڀت مٿن ڪري پئي، فوتي ٻارڙن جا لاش ايڌي ايمبولنس ذريعي تعلقا اسپتال قاضي احمد آندا ويا، جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته گھر مان هڪئي وقت ٽن ٻارڙن جا لاش کڄڻ وقت ماحول سوڳوار ٿي ويو.