قاضي احمد( ن پ ا) قاضي احمد ويجهو لنڪ روڊ لاکاٽ موري وٽ ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ ڳنوار مهر واسي پيرسن اصغر علي مھر سخت زخمي ٿي پيو جنھن تعلقا  اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو ويو جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ايڌھي ايمبولينس ذريعي نواب شاھ نيو ويو پهچايو ويو جتان کيس نازڪ حالت ۾ حيدر آباد پهچايو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڊائيور کي حراست ۾ وٺي لاڪپ ڪري رپورٽ داخل ڪري ڇڏي آھي.