قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد پوليس ٿاڻي جي حد ۾ واقع رهائشي علائقي رمضان راهو ڪالوني جي رهواسي جوابدار غلام حسين ماڇي پنھنجي زال ست ٻارن جي ماءُ 50 سالا زاهده ماڇي کي گهرو تڪرار جي نتيجي ۾ لوھي پانا مٿي تي هڻي بيدردي سان کيس قتل ڪري ڇڏيو واقعي کان اڳ مذڪوره جوابدار پنهنجي زال کي انسانيت سوز وحشياڻي تشدد ڪري لوھي پانا هڻي زخمي ڪيو جنهن بعد کيس زخمي حالت ۾ تعلقي اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو ويو جنهن بعد کيس انتھائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاھ اسپتال نيو ويو جتي هلندڙ علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري فوت ٿي وئي، مقتول عورت جو لاش ٻيهر قاضي احمد اسپتال آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو ، مقتول عورت جي امڙ راڻي ماڇي پٽ حسين ماڇي ۽ ٻين چيو آھي ته جوابدار نشو واپرائيندڙ هو نشي ۾ ڌت ٿي بيگناھ پنهنجي زال کي قتل ڪيو آھي، هوڏانهن پوليس اهڙي واقعي جي رپورٽ داخل ڪري جوابدار جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پر جوابدار گرفتار ٿي نه سگهيو هو مقتول عورت جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.