قاضي احمد ( ن پ ا) قاضي احمد لڳ جمال شاھ شاخ جي هاشم شاھ موري وٽان ڳوٺ لکاڏنو چانڊيو واسي 50 سالا عطا محمد خاصخيلي جو  وهندڙ شاخ مان لاش هٿ ڪيو ويو مقامي رهواسي فوتي جو مڙھ پاڻي مان ٻاهر ڪڍي اهڙو اطلاع قاضي احمد پوليس کي ڏنو جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ايڌي ايمبولنس ذريعي قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو پوليس موجب ته وارثن ٿاڻي تي پهچي لکي ڏنو آھي ته فوتي شخص ذھني مريض درويش صفت انسان هو، پير ترڪي پوڻ جي نتيجي ۾ شاخ ۾ ڪري پوڻ سبب  ٻڏي فوت ٿيو آھي پوليس اهڙي رپورٽ داخل ڪري ڇڏي آھي.