قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد واسين ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران انتها پسندي کان آجي سنڌ جي عنوان هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان جي آجيان ڪئي آهي، آفتاب انڙ چيو ته پھرين ڊسمبر تي اعلانيل ايڪتا ڏھاڙو ملهائڻ واري عمل جي آجيان ڪريون ٿا، سنڌ صدين کان رواداري، ڀائيچاري پنھنجائپ جو درس ڏنو آهي، ملنگ جتوئي چيو ته سنڌ پنج ھزار سال پراڻي تهذيب رکندڙ ڌرتي آھي ايڪتا ڏھاڙو اسان لاءِ عيد وانگر آھي، ننڍا توڙي وڏا ان ڏينهن نوان ويس وڳا پائي روڊن تي نڪرنداسين، خميسو ڀنڊ چيو ته سنڌ هزارن سالن کان صوفين جي سر زمين رهي آهي، سنڌ ۾ رهندڙ سڀئي ماڻهو مسجد ۽ مندر کي احترام جي نظر سان ڏسن ٿا، مجتبيٰ جوکيو چيو ته سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ شاهد آھي ته سنڌ هميشه انتهاپسندي جي خلاف رهي آھي، ممتاز ميمڻ چيو ته ايڪتا سنڌ سان وفا جو وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي، محمد رفيق ملاح، مٺل جتوئي چيو ته ايڪتا ڏھاڙي کي اسان عيد جيان ملهائينداسين.
ھنڱورجا ۾ قومپرستن پاران ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان
ھنڱورجا (ن پ ا) انتھا پسنديءَ کان آجي سنڌ ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي اعلان جي ھنڱورجا جي قوم پرستن ڀرپور حمايت ڪئي آهي، مجيب ڀيلا، ڪرم سامٽيو، قلب عباس سولنگي ۽ ٻين چيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي سڀني ميڊيا چينلن کان منفرد سلوگن ڏنو، جنھن جي اسين حمايت ڪيون ٿا، هنن چيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار مظلوم ماڻھن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پھچائي ٿي، ھنن چيو ته ھر سال جيان ھن سال به سڄي سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن سان گڏجي ايڪتا ڏهاڙو ملھائينداسين ۽ ايڪتا ڏھاڙي تي اجرڪون ٽوپيون پائي پنھنجي گھرن کان نڪري سنڌي ھجڻ جو سبوت ڏينداسين، هنن چيو ته سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال اڏي سنڌ جي زمينن کي تباھ ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪنھن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي.
|
ميهڙ ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي ايڪتا تقريبون شروع
ميھڙ(ن پ ا) ميهڙ ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سڏ تي انتھا پسندي کان آجي سنڌ جي عنوان ھيٺ تقريبن جي شروعات ٿي وئي ان سلسلي ۾ نالي واري عوامي فنڪار برڪت علي برڪت چانڊيو پارن ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي ڏنل سڏ انتھا پسندي کان آجي سنڌ جي عنوان ھيٺ گيت به ٺاھي ورتو نيشنل پريس ڪلب ميھڙ ۾ انتھا پسندي کان آجي سنڌ جي عنوان ھيٺ ٿيل تقريب ۾ يڪتاري ۽ چپڙي تي فنڪار برڪت علي برڪت چانڊيو پنھنجو نئون گيت پيش ڪري داد وصول ڪيو. تقريب ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، صحافين وڪيلن ڊاڪٽر الاھي بخش چانڊيو، طاھر محزون ڀٽي، منظور مھيسر، عبدالرحمن قمبراڻي، عامر تيوڻو، وڪيل رضوان حيدر تنيو، مير صابر ڪولاچي، فراز چنه، مير رياض سومرو، ماجد پنھور، عبدالغفار شاھاڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي تقريب ۾ شريڪ ماڻھن چيو ته سنڌ امن جو ديس آھي سنڌ ھر قسم جي انتهاپسندي کي رد ڪري ٿي ھنن چيو ته محترم علي قاضي صاحب انتھا پسندي کان آجي سنڌ جي عنوان ھيٺ ايڪتا ڏھاڙي ملھائڻ وارو اعلان وقت جي ضرورت ھئي پھرين ڊسمبر تي ايڪتا ڏھاڙو ڀرپور نموني ملھايو ويندو تقريب دوران نامياري فنڪار پنھنجي نئين گيت سميت قومي گيت به ٻڌايا ۽ دادو وصول ڪيو ھوڏانھن ٽائيم نيوز ، پنھجي اخبار ميھڙ جي سٿ ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ ٽيم پاران فنڪار سميت آيل مھمانن ۽ صحافين کي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپين جا پڻ توحفا پيش ڪيا.
|