قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ۾ 40 سال رهندڙ هندو خاندان عدم تحفظ جو شڪار، ڀارت لڏي وڃڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾  اڍائي مهينا اڳ قاضي احمد جي دوست محمد ڪالوني مان مبينا طور اغوا ٿيڻ بعد عدالتي بيان کانپوءِ وارثن حوالي ٿيل نينگري سوھانا شرما جو خاندان قاضي احمد ۾ اڌ صدي  گذارڻ بعد والد دليپ ڪمار شرما قاضي احمد ۾ عدم تحفظ سبب  پنهنجي گھر واري 2 پٽن ۽ ھڪ نياڻي سميت عمرڪوٽ لڏي ويو هو، ان حوالي سان سوھانا شرما جي پيُ  دليپ ڪمار شرما ٻڌايو ته عدم تحفظ جو شڪار هجڻ جي سبب پنهنجي ڌرتي ماءُ کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آھي، ڪجھه مهينا اڳ منهنجي معصوم نياڻي کي اغوا ڪيو ويو هو، نياڻي جي واپسي بعد ٻيهر خدشو آھي ته  کيس اغوا ڪيو ويندو ، جنهن سبب ٻچن جي خاطر اهڙو فيصلو ڪيو آهي.