قاضي احمد(ن پ ا) قاضي احمد شھر سان تعلق رکندڙ مشهور بيئنجو نواز استاد انجام علي ميراثي عرف غلامون ميراثي فقير ساھ جي  تڪليف سبب 65 سالن جي ڄمار ۾ فوت ٿي ويو آھي، استاد انجام علي ميراثي ڊگھي عرصي کان بيماري سان جھيڙي رھيو هو کيس ڪافي ڀيرا سيوھڻ جي اسپتال پڻ داخل ڪيو ويو هو موت جي آخري گهڙين دوران سيوھڻ اسپتال ۾ موت سان جنگ وڙھندي نيٺ سندس جي ساھ جي تند ٽٽي پئي هن سُريلي بيئنجو نواز استاد انجام علي ميراثي ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا ۽ ناليوارن فنڪارن استاد مٺو ميراثي، مصري فقير، چاڪر  فقير، الھداد زرداي گلزار علي خان، فتح علي خان غلام حسين زرداري سميت ٻين  سان بينجو وڄايو  بيماري سبب موت ۽ زندگيءَ جي چواٽي بيٺل اسپتال ۾ بيماري جي بستري تي پيل هجڻ دوران  سندس جي ڪنهن به سار نه لڌي سندس جو بھتر علاج نه ٿيڻ سبب ھميشه لاءِ فن کي الوداع ڪري هليو ويو.