قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ۾ ڳوٺ ھاشم راهو مان 9 مھينا اڳ اغوا ٿيل ناري ثنا راهو جي بازيابي لاءِ سندس وارثن 26 ڏينھن به پاڪ ڪتاب کڻي ٿاڻي جي مُک گيٽ آڏو علامتي بک ھڙتال ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ثريا راھو، سونھن راهو، گلشن راهو  ۽ امجد راهو چيو ته 26 ڏينھن کان سخت گرمي ۾ احتجاج ڪري رهيا آھيون پر پوليس جي ڪن تي جوُن به نٿي چري، هنن چيو ته پوليس غير سجيدگي جو مظاهرو ڪري رھي آھي، جوابدار بااثر آهن، جن خلاف ڪارروائي کان لنوايو پيو وڃي، هنن ناري کي بازياب ڪرائٻ جي گهر ڪئي.