قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ ڳوٺ حمزو جتوئي ۾ 17 ورهين جي ڌنار شهزادو جتوئي سان مبينا طور بدفعلي ڪئي وئي، جوابدار ڌنار کي هٿ پير ٻڌي بيهوش حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. ٻي طرف  نوجوان جي والد والد حاجي ڏاتو جتوئي سندس امڙ مسمات شبيران خاتون جتوئي ۽ ڀاءُ غلام حسين جتوئي احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته بااثر جوابدارن اسان جي گونگي نوجوان سان هٿيارن جي زور تي بدفعلي ڪئي آهي، 4 جوابدارن غفار جتوئي احسان جتوئي  عثمان جتوئي ۽  لطيف جتوئي خلاف ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي، پوليس 2 جوابدارن عثمان جتوئي ۽ غفار جتوئي کي گرفتار ڪيو آھي پر رپورٽ ۾ نامزد ڪيل 2 جوابدار احسان جتوئي ۽ لطيف جتوئي گرفتار ناهن ٿيا، نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن جاري ٿيل ميڊيڪل رپورٽ ۾ نوجوان سان بدفعلي جي تصديق ڪئي وئي آھي.