قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت، خبر موجب ڳوٺ ھوت جو واھڻ واسي 28 سالا الھه بچايو اوٺو گهر اندر بجلي جي پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي فوري طور قاضي احمد اسپتال آندو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.