قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ ڳوٺ بچو راهو واسي پورھيت حڪيم شاھ جو 15 سالن جو پٽ شڪيل شاھ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ھجڻ سبب زندگي جي جنگ وڙھي رھيو آھي، نينگر جي والد ٻڌايو ته سندس پٽ جي بيماري جيءُ جهوري وڌو آهي، پٽ جي درد جون دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌي سڄي رات روئيندو آھيان، مريض نينگر ٻڌايو ته جڏھن سور پوندو آھي ته سڄي رات جاڳندو آھيان، ڪير به مدد ڪرڻ وارو ناهي، هن چيو ته مان به ٻارن سان رانديون ڪرڻ چاهيان ٿو پر بيماري وگھي سڀ خوشيون کسجي ويون آھن، هنن سرڪار ۽ سرندي وارن کي علاج ۾ مدد جي اپيل ڪئي،