قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ ڳوٺ علي شير چانڊيو واسي پورھيت علي گوھر چانڊيو جا 2 پٽ 8 سالا نعيم چانڊيو ۽ 2 سالا عبدالرحيم پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ سبب بستري تي پيل آھن، غربت سبب علاج نه ٿيڻ ڪري پورھيت ۽ سندس گهر ڀاتي سخت پريشان آھن، نينگرن جي والد علي گوهر چانڊيو ٻڌايو ته ٻنهي پٽن کي تيز بخار مان ڏڪڻي ۽ ٻيون بيماريون ٿي ويون آھن، گهر جو الھه تلھه وڪرو ڪري علاج ڪرايو پر ڪو به فائدو نه ٿيو، هن چيو ته مسڪين مزدور آھيان، مزدوري ڪري ٻچن جو گذر ڪريان ٿو، وڌيڪ علاج ڪرائڻ جي سگهه ناهي، هن سرڪار ۽ سرندي وارن کي علاج ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي.