قاضي احمد(رپورٽ: الهه رکيو سيال) قاضي احمد لڳ آمري روڊ تي ڳوٺ فتوحل زرداري اسٽاپ وٽ نوابشاهه کان سيوھڻ ميلي تي ويندڙ پنجاب واسي پانڌيئڙن جي تيز رفتار وين گڏهه گاڏي سان ٽڪرائجي 10 ويلر ٽرڪ هيٺان اچي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 8 کان وڌيڪ سخت زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ پنجاب واسي محمد ظفر شيخ، بابر شيخ، محمد عظيم شيخ، نوابشاهه جي ڳوٺ مولابخش جتوئي واسي ڪلينر ديدار جتوئي ۽ ڊائيور لطف جتوئي شامل آهن، جڏھن ته محراج شيخ، وقاص شيخ، فيض محمد شيخ، نويد شيخ، شھزاد شيخ، عبدالرزاق شيخ سميت 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، حادثي جي اطلاع تي ايڌي ايمبولينس ۽ 1122 ريسڪيو ذريعي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي تعلقا اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين نواب شاھ نيو ويو، زخمي وقاص ٻڌايو ته اسان ڀورا والا پنجاب جا رھواسي آھيون، ٽرين ۾ سوار ٿي نواب شاهه پھچڻ بعد ڪرائي تي وين ڪري سيوھڻ لعل قلندر جي ميلي تي وڃي رھيا ھئاسين ته قاضي احمد آمري روڊ تي حادثو پيش آيو، وين ڊائيور وڌيڪ مسافر کنيا جنهن سبب تيز رفتاري جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو.