قاضي احمد(ن پ ا) قاضي احمد ويجھو ڳوٺ حصو کوسو ۾ ڪارنھن جي مبينا الزام ھيٺ مڙس ھٿان ڇرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيل مسمات سومري کوسو جي قتل ۾ ملوث جوابدار رفيق کوسو کي قاضي احمد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري مٿس ڪارنهن جي الزام هيٺ قلم 302 تحت سرڪاري جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري کيس لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي. ان کان اڳ مقتولڻ جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پھتا ته کين پوليس واپس ڪري ڇڏيو پوليس موجب قتل جي واقعي ۾ ھڪ جوابدار ملوث هجڻ باوجود فريادي ٽن ماڻھن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرائڻ چاهين ٿا جنهن ڪري سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو آھي،ٻئي طرف بيدردي سان قتل ڪيل مسمات سومري کوسو جو قتل ڪيس پوليس پاران وارثن موجب داخل نه ڪرڻ واري عمل خلاف مقتولڻ عورت جي وارث معشوق کوسو ۽ عورتن مردن ٻارڙن پوليس اسٽيشن اڳيان سخت احتجاج ڪري سرڪاري پاران داخل ڪيل ڪيس ختم ڪري وارثن موجب پوليس سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدار کي بچائڻ چاهي ٿي، اسان جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪري جوابدار انصاف ڪيو وڃي.