قاضي احمد(ن پ ا) قاضي احمد جي رهائشي علائقي شوڪت ڪالوني مان کنڀي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد وحشياڻي تشدد ڪري ڪپڙن کان آجو وڊيوز ڀري اڇلائي ڦٽو ڪيل نسرين مھر واري واقعي جو عورت جي فرياد تي 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ واحد زرداري، رمضان زرداري، غلام رسول زرداري ۽ ٻن نامعلوم ماڻهن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، عورت ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته منهنجي ڌيءُ عليزا مهر کي امداد زرداري مارڪٽ ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو، ماءُ ۽ ڀاءُ سان گڏ نياڻي کي وٺڻ ويس ته رستي تان جوابدارن کنڀي خان صاحب ڪالوني ۾ تشدد ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ اگھاڙيون وڊيوز ڀريون، جڏهن ته خاموش رهڻ لاءِ  ڌمڪيون ڏنيون ويون.