قاضي احمد (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار پاران “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” جي اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي کي ڀرپور نموني ملهائڻ لاءِ  قاضي احمد ۾ سرگرميون ۽ تياريون شروع ٿي ويون آھن، ان سلسلي ۾ سماجي تنظيم  ھمدرد ٽيم پاران جاڳرتا ثقافتي پروگرام ناز باغ پارڪ ۾ ايڪتا ثقافتي ثقافتي پروگرام  منعقد ڪيو ويو،  پروگرام ۾ نوجوان شھري صحافي فنڪار سنڌي ويس اوڍي اجرڪ ۽ پٽڪا پائي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، نوجوان قومي گيتن تي رقص ڪندا جُھومندا رهيا، راڳي دادن لطيف چانڊيو ۽ عطاءُ الله بالادي قومي گيت ڳائي نوجوانن کي جھومائي ڇڏيون. ٻي طرف   ھمدرد ٽيم جي صدر سيد غضنفر علي شاھ، سماجي شخصيت حاجي رضا محمد مهر، فقير اشرف انڙ، سراج ڪوريجو، توصيف انڙ ۽ ٻين چيو ته ايڪتا ڏهاڙو ڀرپورنموني سان ملهائينداسين.