قاضي احمد: ايس يو پي جي پيدل مارچ ۾ سنڌ جي بهادر وڏيرِي نازو سميت عورتون به شامل ٿي ويون، سنڌ مارچ ۾ شامل قافلا قاضي احمد ۾ رات گهارڻ بعد ٻيهر ڪراچي ڏانهن روانيا ٿيا
مارچ ۾ شامل وڏيري نازو ۽ ٻين عورتن چيو ته سيد زين شاهه سنڌ جي ماڻهن کي هڪ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتو آهي، اسان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پهتا آهيون
وڏيري نازو چيو ته هڪ پاسي عوام بکون ڪاٽي رهيو آهي ته ٻئي حڪمرانن ۽ چونڊيل نمائندن کي وڏيون مراعتون ملي رهيون آهن، سيد زين شاهه چيو ته ڊجيٽل آدمشماري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي
هن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري سان سنڌ جي وحدت کي خطرو آهي، سنڌ واسي متحد ٿي سازشون ناڪام بڻائين
ٻئي طرف ٻڌايو پيو وڃي ته ايس يو پي جو مارچ قاضي احمد مان سڪرنڊ طرف روان دوران آهي، سيد زين شاهه جي طبيعت خراب ٿي وئي آهي
ايس يو پي جو سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي حل لاءِ نڪتل پيادل مارچ قاضي احمد ۾ رات ترسڻ بعد سڪرنڊ ڏانهن روانو ٿيو، قاضي احمد کان سڪرنڊ ويندي ايس يو پي صدر سيد زين شاهه جي طبيت خراب ٿي وئي
اڳواڻن جو چوڻ هو ته سيد زين شاهه کي طبيعت خراب ٿيڻ عارف نياز آرائين جي رهائشگاهه تي آڻي آڪسيجن ڏني وئي آهي
هي به پڙهندا