قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ هيڊ ماستر شاگردن کان ڪلاس ۾ زور ڏيارڻ لڳو، سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل، سيڪريٽري تعليم نوٽيس ورتو، استاد معطل، هيڊ ماستر جو چوڻ آهي ته هن کان غلطي ٿي آهي، جنهن تي هو معافي وٺي ٿو، خبر موجب ڳوٺ عبدالمالڪ راھو ۾ پرائمري اسڪول جو ھيڊ ماستر الھڏنو بالادي ڊيوٽي دوران اسڪولي ٻارڙن کان زور ڏياري رهيو آهي، جنهن جي سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، وڊيو ۾ استاد اسڪولي شاگردن کي ڪتاب کولي سبق ڏيڻ دوران ھڪ ڄنگھه ٽيبل تي رکي زور ڏياريندو نظر اچي ٿو، ان ڏس ۾ معطل ٿيل ھيڊ ماستر الھه ڏنو بالادي ميڊيا کي ٻڌايو ته مون کان غلطي ٿي وئي آهي، جنهن جي معافي ٿو وٺان، شاگرد منهنجا ٻچا آهن، ھي واقعو اسڪول ٽائيم کانپوءِ جو آهي، مون کي اھا به خبر نه آهي ته ھي ويڊيو ڪنهن ڀري آهي، هوڏانهن ڳوٺ عبدالمالڪ راھو واسي ڳوٺاڻن ذوالقرنين راھو، منصور راهو، راشد راهو، لعل بخش راهو ۽ ٻين هتي دانھيندي  چيو ته سندس ڳوٺ جي اسڪول جو ماستر الھڏنو بالادي سوشل ميڊيا تي شاگردن کان زور ڏيارڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد مڇرجي ڌمڪيون ڏئي رھيو آهي ته اوھان تي ڪيس داخل ڪرائيندس، هنن مطالبو ڪيو استاد خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، شاگرد کان ڪلاس اندر زور ڏياريندڙ پرائمري استاد جي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد سيڪريٽري تعليم نوٽيس وٺندي پرائمري استاد کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ کيس ڊائريڪٽر آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ان سلسلي ۾ صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته سرڪاري اسڪولن ۾ اهڙن واقعن کي ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو، هن چيو ته واقعي ۾ ملوث استاد خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.