حيدرآباد (بيورو رپورٽ)قاسم آباد ۾ پيپلز بس سروس جي کوٽ خلاف آئيني پٽيشن تي عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نوجوان وڪيل سرباز اياز پليجو پاران هڪ آئيني پٽيشن داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ قاسم آباد جي علائقي ۾ پيپلز بس سروس جي نه هجڻ بابت موقف اختيار ڪيو ويو. پٽيشن ۾ ڄاڻايو ويو ته 2022ع ۾ پيپلز بس سروس متعارف ڪرائي وئي، پر اڃا تائين قاسم آباد جي مک رستن تي ان جي سهولت مهيا نه ڪئي وئي آهي، جيڪو شهرين جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي.سماعت دوران، وڪيل سرباز اياز پليجو دليل ڏنو ته قاسم آباد ۾ بس سروس نه هجڻ سان آئين جي برابر حقن واري شق جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي، ڇو ته سمورن شهرين کي برابر بنيادن تي عوامي سهولتون ملڻ گهرجن، هن نشاندهي ڪئي ته پيپلز بس سروس جي کوٽ سبب قاسم آباد جا رهواسي سفري مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.عدالت معاملي جو نوٽيس وٺندي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي (SMTA) جي ڊائريڪٽر جنرل، حيدرآباد جي ڪمشنر، سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير، سنڌ ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت کانئن وضاحت طلب ڪئي آهي ته قاسم آباد ۾ اڃا تائين پبلڪ ٽرانسپورٽ سهولتون ڇو فراهم نه ٿيون آھن قاسم آباد جا رهواسي ڪيترن ئي سالن کان پبلڪ ٽرانسپورٽ جي کوٽ سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب هو يا ته مهانگي خانگي ٽرانسپورٽ تي ڀاڙڻ تي مجبور آهن يا وري ڏکين حالتن ۾ سفر ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا. ان آئيني پٽيشن سبب اميد پيدا ٿي آهي ته عدالتي مداخلت سان سرڪاري اختيارين تي دٻاءُ وڌندو ۽ عوام کي بنيادي سفري سهولتون فراهم ڪيون وينديون.