حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد ۾ 5 ڏينهن اڳ ڊاڪٽر پاران غلط انجيڪشن لڳائڻ دوران فوت ٿيل نينگري  واري واقعي جو ڪيس ڊاڪٽر خلاف داخل ڪيو ويو آهي. پوليس 17 ورهين جي سونهن سولنگي جو ڪيس سندس والد منظور سولنگي جي فرياد تي شهباز ڪالوني ۾ خانگي اسپتال هلائيندڙ ڊاڪٽر لياقت علي سيال تي داخل ڪيو. اولڊ وحدت ڪالوني واري واسي فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته 29 جولاءِ تي سندس ڌيءُ سونهن سولنگي کي بخار هو جنهن ڪري هو پنهنجي والده سان گڏ شهباز ڪالوني ۾ قائم خانگي اسپتال هلائيندڙ ڊاڪٽر کان بخار جي دوا وٺڻ وئي جنهن دوران سندس ڌيءُ کي ڊاڪٽر لياقت علي سيال غلط انجيڪشن هنئي. ري ايڪشن ٿيڻ سبب سندس ساڄي پاسي واري ٻانهن ڪلهي کان ڪاري ٿيڻ بعد سڄي پئي جنهن کي ٻيهر ساڳئي ڊاڪٽر وٽ ڏيکاريو پر هن سندس علاج نه ڪيو ۽ چيو ته پاڻهي سهي ٿي ويندي پر سندس نياڻي 24 ڪلاڪ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي. قاسم آباد پوليس جو چوڻ آهي ته الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر خلاف لاپرواهي جو ڪيس داخل ڪري سندس گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.