حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي ڳوٺ محمد بخش شورو ۾ گھر مان نوجوان جو لاش هٿ آيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو جتان بعد ۾ اهو لاش وارث پنهنجي گهر کڻائي ويا. بلديا پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان نثار علي پٽ علي حسن ملاح پراپرٽي جو ڪم ڪندو هو ۽ گهر ۾ اڪيلو رهندو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي جو والد علي حسن ملاح پٽ جي قتل جو شڪ ظاهر ڪيو آهي جنهن بعد انهن ٻن ڄڻن کي تحويل ۾ وٺي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. علائقي ۾ چئوٻول آهن ته نوجوان جو سندس برادري جي ماڻهن سان پلاٽ جي معاملي تي تڪرار هلندڙ هو ۽ نوجوان جي پراسرار موت ۽ گهر ۾ لاش بابت بعد اڻڄاتل ماڻهن پاران فون تي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو ان ڪري وارثن پاران سندس قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي. نوجوان جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ميڊيڪو ليگل شعبي جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته سندس نڪ ۽ وات مان رت پئي وهيو جنهن ڪري خدشو آهي ته ڪٿي هن ڪا زهريلي شيءَ نه واپرائي هجي ان ڪري سندس جزا ڪڍي ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري اماڻيا ويا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ اڄ پوليس کي فراهم ٿيندي جنهن کانپوءِ تصديق ٿيندي ته سندس موت ڪئين ٿيو آهي.