حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد باءِ پاس ڀرسان ڄامشورو-حيدرآباد روڊ تي قائم يوٽرن وٽ اڻڄاتل 2 ڦورو سرڪاري ٺيڪيدار اشوڪ ڪمار کان مبينا طور ڪار ڦري ويا. متاثر ٺيڪيدار ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس وٽ پهچي واقعي بابت آگاهي ڏني، متاثر ٺيڪيدار ٿاڻي پهچي ڄاڻايو آهي ته ڪار ۾ 2 ڪروڙ رپيا روڪ رقم، 3 ڪروڙ رپين جي ماليت جا سونا زيور ۽ پرائيز بانڊ رکيل هئا. رابطو ڪرڻ تي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي ايس ايڇ او اصغر تنيو واقعي کان لاعلمي جو اظهار ڪندي ڄاڻايو ته سندس حد ۾ اهڙي ڪا به واردات ناهي ٿي. اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات سرڪاري ٺيڪيدار کان ڪار ۽ ڪروڙين رپيا ڦر وارو معاملو سامهون آيو هو جڏهن ته گذريل ڏينهن تي ٻيهر ڪنٽرول روم ذريعي اهو پيغام هلايو ويو ته سرڪاري ٺيڪيدار جي ڪار نسيم نگر پوليس کي واڌو واهه روڊ تان لاوارث حالت ۾ ملي آهي پر ان ۾ روڪ رقم توڙي سونا زيور ۽ ٻيو سامان موجود نه هو. پوليس ذريعن موجب ته شروعاتي جاچ مان کين اها ڄاڻ ملي آهي ته سرڪاري ٺيڪيدار کان ڦر واقعي ۾ سندس ئي ڪمپني جا ملازم شامل آهن جنهن ڪري معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي. ”پنهنجي اخبار“ پاران بار بار رابطو ڪرڻ تي اي ايس پي بلديا محمد دلاور توڙي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي ايس ايڇ او اصغر تنيو ڦر واقعي بابت ڪا به ڄاڻ فراهم نه ڪئي.