حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي اولڊ وحدت ڪالوني ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيل ناري جي موت واري معاملي جي جاچ لاءِ ڀٽائي اسپتال لطيف آباد جي ايم ايس  جي سربراهي ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي. 17 سالن جي سونهن ڌيءُ منظور سولنگي گذريل رات دير سان پراسرار نموني فوت ٿي وئي هئي. سندس وارثن جو چوڻ آهي ته سونهن کي بخار ٿيو هو، جنهن بعد کيس دوا لاءِ خانگي اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽر کيس انجيڪشن لڳائي. انجيڪشن کانپوءِ هو جيئن ئي گهر پهتي ته سندس حالت خراب ٿي وئي ۽ نيٺ هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. فوت ٿيل ناري سونهن جو سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم به ڪرايو ويو. ناري جي وارثن جنازي نماز کانپوءِ ناري جو مڙهه قاسم آباد ٿاڻي آڏو رستي تي رکي احتجاج ڪيو، ان معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايچ او حيدرآباد الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر جي ڪلينڪ سيل ڪري ڇڏي، جڏهن ته گورنمينٽ شاهه ڀٽائي اسپتال لطيف آباد جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر محمد عثمان شيخ جي سربراهي ۾ هڪ ڪاميٽي به قائم ڪري ڇڏي. ان ڪاميٽي ۾ گورنمينٽ اسپتال قاسم آباد جي اي ايم ايس ڊاڪٽر نعيم احمد ميمڻ ۽ ساڳئي اسپتال جي اي ايم ايس ڊاڪٽر عظمه کي ميمبر طور شامل ڪري کين هدايت ڪئي آهي ته هو ان معاملي جي جاچ ڪري ٽن ڏينهن اندر رپورٽ سندس حوالي ڪن. ناري سونهن جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن جي غفلت سبب سندن ڌيءُ فوت ٿي آهي ان ڪري غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف قدم کنيو وڃي.