حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ واقع ڳوٺ شهمير شورو، منٺار شورو ۽ ڳوٺ لکو شورو ۾ بنيادي سھولتن جي کوٽ جي نشاندهي ڪري چونڊيل نمائندن تائين پھچائڻ جي سلسلي ۾ علائقي واسين پاران ھڪ گڏجاڻي رکي وئي. گڏجاڻي ۾ يونين ڪائونسل 154 جي چيئرمين آصف شورو، علائقي جي معزز شخصيتن شهمير شورو، امداد لاشاري، امرداس ٺاڪر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي علائقي واسين گندي پاڻي جو نيڪال نه ھجڻ، پيئڻ جي پاڻي جي سھولت نه ھجڻ ۽ گھٽيون پڪيون نه ھجڻ جھڙا مسئلا يو سي چيئرمين اڳيان رکيا. يوسي چيئرمين آصف شورو چيو ته علائقي جي بنيادي مسئلن بابت کيس ڄاڻ آھي. ڪجھ مسئلا حل ڪيا آهن رهيل مسئلا به جلد حل ڪيا ويندا. ھن چيو ته اسڪيمن جي نشاندهي ڪري ميئر ڪاشف علي شورو کي پيش ڪيون آھن جيئن ئي اھي منظور ٿيون ته علائقي ۾ ترقياتي ڪم شروع ٿي ويندا. ھن چيو ته سندس آفيس ھر ماڻھو لاءِ کليل آھي جيڪو به رھواسي جو مسئلو ھجي ھو ساڻس ملاقات ڪري سگھي ٿو. وڏيري شهمير شورو چيو ته رھواسين جيڪي مسئلا ٻڌايا آھن انھن کان ھو واقف آھي، رھواسين جا مسئلا آھستي آھستي سڀ حل ٿي ويندا. ھن يو سي چيئرمين کي چيو ته جيستائين ٻيا مسئلا حل ٿين تيستائين علائقي جي مک رستن تي اسٽريٽ لائيٽ لڳائي ڏني وڃي.