حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي نسيم نگر واري علائقي ۾ قوالي نائيٽ هوٽل تي پراسرار جهيڙي جي نتيجي ۾ 40 سالن جو نوجوان امام بخش ڏاهاڻي مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب مرڻينگ ٿي ويو. زخمي کي شروعاتي طور سول اسپتال ۽ بعد ۾ حالت خراب هئڻ سبب علاج لاءِ ڪراچي جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته نسيم نگر پوليس پوسٽ جي حد ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات ڄاڻايل هوٽل تي پارٽي جي تقريب رکي وئي هئي جنهن ۾ مردن سان گڏ عورتن جو وڏو انگ ۾ شريڪ ٿيو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي ۾ موجود ڪجهه ماڻهو نشي ۾ ڌت هئا جيڪي معمولي ڳالهه تان پاڻ ۾ اٽڪيا ۽ تڪرار فائرنگ تائين پهچي ويو. اکين ڏٺن شاهدن پوليس کي ٻڌايو آهي ته جهيڙو راجا رند ۽ سندس دوست بلال قريشي ۾ ٿيو هو جيڪو بعد ۾ اتي موجود سندن ٻين دوستن ختم ڪرايو پر هوٽل سامهون فائرنگ جو آواز ٿيو ته ڪجهه ماڻهو اتي پهتا جن ڏٺو ته امام بخش ڏاهاڻي روڊ تي پيل آهي جنهن کي انهن ماڻهن کڻي علاج لاءِ تعلقه قاسم آباد اسپتال پهچايو پر حالت خراب هئڻ سبب ڊاڪٽرن کيس سول اسپتال منتقل ڪرڻ جي صلاح ڏني. رابطو ڪرڻ تي راجا رند به تصديق ڪئي ته معمولي ڳالهه تي سندس دوست بلال قريشي سان هوٽل ۾ تلخ ڪلامي ٿي. سندن وچ ۾ ايڏو وڏو جهيڙو ناهي ٿيو جڏهن ته امام بخش ڏاهاڻي زخمي حالت ۾ روڊ تان هٿ آيو هو. هن چيو ته ڄاڻايل پارٽي ۾ ڊي آءِ بي پوليس آفيس جا عملدار امجد مينگل، ڪاشي ابڙو ٻيا پڻ موجود هئا. پراسرار نموني مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته سردار جگنو ميمڻ ۽ سندس ڀاءُ چينو ميمڻ وٽ امام بخش ڏاهاڻي ڪافي عرصي کان گارڊ طور ملازمت ڪري ٿو. گولي لڳڻ بعد سندس حالت انتهائي خراب آهي ۽ ڊاڪٽرن کيس وينٽيليٽر تي رکي ڇڏيو آهي. زخمي نوجوان جي سئوٽ دلبر ڏاهاڻي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته امام بخش کي ڪنهن ٻئي معاملي تان گولي هنئي وئي آهي جنهن جي پوليس کي جاچ ڪرڻ گهرجي. نسيم نگر پوليس پوسٽ جي انچارج انجم برابر جو چوڻ آهي ته واقعي بعد انهن پهچي زخمي کي علاج لاءِ ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪيو جنهن بعد واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪيون آهن. انچارج دعويٰ ڪئي ته واقعي واري هنڌان کين گولين جا خالي کول مليا آهن جيڪي فارنزڪ لاءِ ٽيم حوالي ڪيا ويا آهن جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ اڃا تائين زخمي جا وارث ناهن پهتا.