حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد ۾ قائم شهيد بينظير ڀٽو اسپورٽس ڪامپليڪس جي وچ مان هڪ بلڊر پاران ڊرينيج نالو ڪڍڻ تي ميئر حيدرآباد معاملي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي. قاسم آباد جي نوجوانن لاءِ قائم واحد اسپورٽس ڪامپليڪس راندين واري وزارت جي بي ڌياني سبب زبون حالي جو شڪار آهي جڏهن ته هڪ بلڊر پاران گرائونڊ جي وچ مان پرائيويٽ اسڪيم جو ڊرينيج نالو ڪڍڻ سبب گرائونڊ ويتر تباهه ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو ته مون کان اڳ ۾ گرائونڊ مان سيوريج نالو ڪڍيو ويو آهي. عبدالله اسپورٽس وارن ڪهڙي ٽرم اينڊ ڪنڊيشنز تحت اهو نالو ڪڍي پي ايس ون تائين پهچايو آهي، ڇا اهو رستو واسا ڏنو آهي يا پرائيويٽ بلڊر پاڻ گرائونڊ جي وچ مان غيرقانوني طور ڊرينيج نالو ڪڍيو آهي. ميئر چيو ته قاسم آباد گرائونڊ جي بهتري لاءِ راندين واري وزارت سان وقت گهريو آهي، انهن سان ڳالهيون ڪري گرائونڊ کي اپگريڊ ڪري معياري گرائونڊ بڻايو ويندو. ميئر حيدرآباد چيو ته عبدالله بلڊر کي غيرقانوني اجازت ڏيندڙن خلاف به يقينن ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ان حوالي سان انجمن تاجران قاسم آباد جي صدر محبوب ابڙو جو چوڻ هو ته عبدالله اسپورٽس وارن اڳوڻي ڊي سي سان ملي ڀڳت ڪري گرائونڊ جي وچ مان ڊرينيج نالو ڪڍيو آهي نه رڳو ڊرينيج نالو پر عبدالله اسپورٽس وارن وٽ 8 فٽ جو رستو هو جنهن کانپوءِ اڳوڻي ڊي سي، اسسٽنٽ ڪمشنر کي ليٽر لکيو ته اسپورٽس ڪامپليڪس جو گيٽ ويڪرو ڪري تباهه ٿيل بلڊنگ جا باٿ روم ٺاهيا وڃن، ان ليٽر آڌار عبدالله اسپورٽس وارن 8 فٽ وارو رستو اسپورٽس ڪامپليڪس جي 32 فٽ زمين کڻي 40 فٽ جو رستو ٺاهيو ۽ گرائونڊ جي وچ مان ڊرينيج نالو ڪڍيو. هن چيو ته قاسم آباد اسپورٽس قاسم آباد جي نوجوانن جو واحد گرائونڊ آهي جيڪو ارباب غلام رحيم جي دور ۾ اڳوڻي ضلعي ناظم مخدوم رفيق الزمان تعمير ڪرايو هو. هن چيو ته اسپورٽس ڪامپليڪس جو مطلب اهو هوندو آهي ته اتي سموريون رانديون ٿين پر گرائونڊ کي مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو آهي. هتي انڌير نگري چرٻٽ راج وارو قانون آهي. عبدالله بلڊر راندين جي گرائونڊ جي وچ مان گٽر لائين وجهي ٿو پر ان خلاف ڪو به ايڪشن کڻڻ لاءِ تيار ناهي. ان حوالي سان فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ رفيق مگسي جو چوڻ هو ته اسپورٽس ڪامپليڪس گرائونڊ مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو آهي. عبدالله بلڊر ڊرينيج نالو لڳائي تباهي ڪئي آهي. خبر ناهي ته اسپورٽس کاتو ڇا پيو ڪري، ان بلڊر کي ڪنهن اجازت ڏني جو هن نيڪال نظام ٺاهيو آهي، اهم اشو آهي، قاسم آباد جا ٻار گرائونڊ جي تباهي سبب ٻين هنڌن تي راند کيڏڻ لاءِ وڃڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته ڄاڻايل معاملي جي نيب انڪوائري ڪري ته عبدالله بلڊر ڪهڙي قانون تحت اسپورٽس گرائونڊ اندران گٽر لائين ڪڍي آهي. هن چيو ته اها گٽر لائين هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ نه بلڪ 3 کان 4 مهينن ۾ ٺهي راس ٿي هوندي، ايتري ٽائيم ۾ ان کي ڪنهن به نه ڏٺو ۽ نه ئي ڪم بند ڪرايو ويو. هن چيو ته ڄاڻايل معاملي تي هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ پٽيشن ۾ ون ٽين جي درخواست ڏئي فنڪشنل ليگ به ڌر بڻجندي.