آستانا(م ڊ) وچ ايشيائي ملڪ قازقستان جي گادي واري شهر ” نور سلطان “ جو نالو ٽن ورهين بعد وري تبديل ڪيو ويو آهي. فازق صدر قاسم جومارت توقايف پارليامينٽ جي منظوري بعد صدارتي مدي ۾ واڌ ۽ گادي واري شهر جو نالو بدلائڻ واري بل تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آهن. رپورٽن موجب نئين قانون پٽاندڙ صدر جي پهريون مدو ست سال هوندو. ٻئي پاسي پارليامينٽ جي منظوري بعد قازقستان جي گادي واري شهر نور سلطان جو نالو پڻ تبديل ڪيو ويو آهي. گادي واري شهر جو پراڻو ۽ تاريخي نالو آستانا واپس رکيو ويو آهي.