قادرپور (ن پ ا) قادرپور جي ڳوٺ مھيار چاچڙ ۾زمين جي معاملي تان چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ عبدالجبار چاچڙ، شاهنواز چاچڙ، عبدو چاچڙ ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جھيڙو ھلندڙ آھي، جاچ ڪيون پيا.