قادرپور (ن پ ا) قادرپور ۾ ڏينگڙو واھ کان انتها پسندي کان آجي سنڌ ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي نوجوانن روايتي لباس، ٽوپي ۽ اجرڪ پائي ريلي ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته غلام مرتضيٰ ڀٽو، دائود چاچڙ، آصف شاھ، مختيار گهوٽو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي ثقافت 5 هزار سال پراڻي آهي، جيڪا امن، رواداري ۽ محبت ڀائيچاري جي علامت رهي آهي، اسان کي پنهنجي ثقافتي ورثي تي فخر آهي، هنن چيو ته نوجوان نسلن کي پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب کي ياد رکڻ گهرجي، هنن چيو ته ايڪلتا ڏهاڙو نه رڳو جشن آهي پر پنهنجي سنڌيت سان محبت جو اظهار پڻ آهي.