قادرپور (ن پ ا) قادرپور ۾ آزاد اميدوار پيٽرول پمپ مالڪ  سيٺ آشيش ڪمار کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش خلاف شھر ۾شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، ڌرڻو، ان ڏس ۾  رات 2 موٽرسائيڪل تي سوار 4 هٿياربندن آشيش ڪمار جي پيٽرول پمپ تي پهچي فائرنگ ڪئي، شهرين کي ڏسي جوابدار فرار ٿي ويا، واقعي  خلاف شھرين پاران شهر ۾ ڪاروبار بند ڪري ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو  هنيو،  ان موقعي تي واحدبخش ڀٽو چيو ته  يوسي قادرپور جي چيئرمين جي آزاد اميدوار آشيش ڪمارکي ڪيترن ئي ڏينهن کان فون تي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، سندس مٿان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي،  ڄام ابوبڪر ڀٽو، علم الدين سنگهڙ، ارشاد سندراڻي، سڌير سولنگي ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.