قادرپور (رپورٽ: شاهنواز سومرو) قادرپور ويجهو ساوند سندراڻي تڪرار تان قتل ٿيل سراج احمد سندراڻي جي جنازي نماز جاگير گرائوند ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن بعد سندس مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو  ويو، هوڏانهن ٻيهر ساوند سندراڻي تڪرار ٿيڻ سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال آهي، جڏهن ته ٻئي ڌريون وري مورچا بند ٿي ويون آھن، واضع رهي ته ڪجھه مهينا اڳ علي گوھر مهر، عابد سندراڻي، خورشيد شاھ، ڊاڪٽر طارق ساوند ۽ ٻين جي سرپئنچي ۾ ٻنهي ڌرين جو فيصلو ٿيو هو، جنهن ۾ ٻنھي ڌرين تي 30 خونن جو ڏنڊ رکيوويو هو، جڏهن ته فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڌر تي 2 ڪروڙ ڏنڊ جو طئي ٿيو هو، ٻئي پاسي قتل ٿيل نوجوان جو اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته قادرپور پوليس ڪارروائي ڪري سي پيڪ پل وٽ گهربل جوابدار شير محمد ساوند کي گرفتار ڪري ورتو آهي.