وڳڻ (ن پ ا) وڳڻ لڳ ڳوٺ صوبدار جتوئي وٽ انڊس ھاءِ وي تي مغيري برادري پاران 12 ڏينهن اڳ ڦُر مزاحمت تي قتل ٿيل نوجوان الطاف مغيري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي گل شاهه، مٺل مغيري، ھمايون مغيري، بدر مغيري ۽ ٻين چيو ته پوليس اڄ تائين نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ناھي ڪري سگھي، ھر روز رڳو ٺلها آسرا ڏنا پيا وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، 5 ڪلاڪن بعد پوليس پهچي ڳالهيون ڪري ھڪ ھفتي ۾ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.