نئون ديرو(رپورٽ: نورمحمد سومرو) نئون دريرو ڀرسان ڳوٺ سعدو ديرو ۾ مڱڻيجا – گوپانگ برادري جي ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان قتل ٿيل امجد ۽ عرفان مڱڻيجو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مڱڻيجا برادري جي عورتن، مردن پنهنجن معصوم ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب کڻي سکر لاڙڪاڻو روڊ تي ڳوٺ سعدوديرو لاڙي وٽ روڊ تي رڪاوٽون رکي احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. روڊ بند هجڻ سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان وڏي انگ ٽريفڪ بيهجي وئي ۽ مسافر پريشانين جو شڪار ٿي ويا. مظاهرين نئون ديرو پوليس خلاف ڇتي نعري بازي پڻ ڪئي. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ياسمين مڱڻيجو، نوشاد خاتون،گلبانو، صحبت مڱڻيجو، محمد امين ۽ ٻين دانهون ڪندي چيو ته 8 مهينا گذري ويا پر نئون ديرو پوليس مقتول نوجوانن امجد ۽ عرفان مڱڻيجو جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا. پوليس خاطرين مٿان خاطريون ڪرايون پر جوابدار گرفتار ناهن ڪيا ۽ قاتل سرعام گهمندا وتن ٿا ۽ ڌمڪيون پيا ڏين. صبح سوير به جوابدارن اسان جي گهرن تي فائرنگ ڪئي آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته پوليس جوابدار ڌر سان ٻٽ آهي ۽ ايس ايڇ او سميت پوليس نااهل آهي جيڪا جوابدارن مشتاق گوپانگ، اوشاق، نديم، گڊو، بلاول، ميهر، ڪاشف، بخت سميت 11 جوابدارن مان هڪ کي به گرفتار ناهي ڪري سگهي. هاڻي جيستائين جوابدار گرفتار نه ٿيندا روڊ نه کولينداسين پوءِ ڪيترا به ڏينهن ڇو نه لڳي وڃن. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته مامري جو فوري نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڌرڻي جي 9 ڪلاڪن بعد ايس ايس پي لاڙڪاڻو عبدالرحيم شيرازي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون. ايس ايس پي لاڙڪاڻو مظاهرين جي مطالبي تي کين خاطري ڪرائي ته جوابدارن خلاف تڪڙي ڪارروائي ڪري جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. اهڙي خاطري بعد مظاهرين احتجاجي ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.