ميھڙ(ن پ ا) ڏيڍ سال اڳ مڇي مارڻ تان جوابدارن ھٿان فائرنگ ڪري قتل ڪيل کوسا برادري جي ٻن سڳن ڀائرن مقتولن منور کوسو ۽ نثار کوسو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ڳوٺ خميسو کوسو جي رھواسين مختيار کوسو، برڪت کوسو، در محمد کوسو، علي نواز کوسو ، نوبت، اختيار، اڪبر، نظير، شوڪت، بخت کوسو پنھنجن معصوم ٻارڙن سان گڏ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ پھچي قاتل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي ھنن نعريبازي ڪندي دانھيو آهي ته ڏيڍ سال اڳ ڳوٺ خميسو کوسو ۾ جوابدارن گلزار کوسو، وحيد، راشد، دلبر کوسو، اصغر کوسو، رضوان کوسو، گلبھار کوسو ۽ ٻين جوابدارن سڳن ڀائرن منور کوسو ۽ نثار کوسو کي بيگناهه قتل ڪيو ھو، جنھن جو ڪيس ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ٿيل آھي پر ميھڙ اي سيڪشن پوليس ھن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگھي آھي، ھنن چيو ته جوابدار سرعام گھمي رھيا آھن ۽ اسان کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رھيا آھن، ھنن چيو ته جوابدار بااثر آھن جن مان اسان کي جاني خطرو آھي، ھنن گھر ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي.