ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ ھڪ ھفتو اڳ ٻيٽو جتوئي وٽ ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل غلام سرور چانڊيو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ، قتل ڪيس وارثن جي مرضي جي ابتڙ سرڪاري مدعيت ۾ داخل ٿيڻ خلاف مقتول جا وارث سراپا احتجاج بڻيل آھن، مقتول جي وارث مرد عورتن ۽ چانڊيا برادري پاران صائمه، ريشمان، شھزادي، ايس يو پي اڳواڻ حاجي خان مارفاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال جاري رکي، مقتول جي وارث عورتن ۽ سندس معصوم نياڻيون پنھنجي والد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندي نعريبازي ڪنديون رھيون، ان موقعي تي ھنن چيو ته پوليس اسان جو قتل ڪيس لوڙهڻ گھري ٿي اسان جي قتل ۾ پ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻو صوبائي وزير نادر مگسي ملوث آھي پر بااثر ھجڻ ڪري پوليس قتل ڪيس ۾ ان جو نالو شامل نه پئي ڪري، ھنن چيو ته اسان غريب آھيون نادر مگسي بااثر آھي ان ڪري اسان سان انصاف نه پيو ڪيو وڃي، ھنن گھر ڪئي ته مقتول غلام سرور جا قاتل گرفتار ڪري مقتول جو قتل ڪيس سندس وارثن جي مرضي موجب داخل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان جو ھي احتجاج جاري رھندو.