بڊاڻي (ن پ ا) بڊاڻي ويجهو 15 ڏينهن اڳ ڇڻڪو ڦاٽڪ لڳ ڳوٺ گل خان بنگوار ۾ بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران قتل ٿي ويل نوجوان غلام ياسين ڀنگوار جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مقتول جي وارثن غلام رباني، غلام علي، سخيرو، جونگل، ساوند بنگوار معصوم ٻارڙن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته جوابدار ڌر سان زمين جو تڪرار هلندڙ هو جوابدار ڌر اسانجي زمين مٿان قبضو ڪرڻ لاءِ آيا ته جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ اسانجو نوجوان قتل ٿي ويوئ هنن چيو ته 15 ڏينهن اڳ قتل ٿيل نوجوان جي قتل ڪيس جي ايف آءِ آر 7 جوابدارن مٿان داخل ڪرائڻ جي باوجود پوليس هن وقت تائين هڪ به جوابدار کي گرفتار ڪون ڪري سگهي آهي. پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي، پوليس ۽ بااثر ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن، معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.