ويلنسيا (م ڊ) اسپين ۾ ٻوڏ متاثر علائقي جو دورو ڪندڙ اسپين جي بادشاهه فيليپ تي مقامي ماڻهن احتجاج ڪندي مٿس گَپ اڇلائي ڇڏي. ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته بادشاهه فيليپ ۽ راڻي لتيزيا ڪالهه ويلنسيا شهر جي ٻوڏ متاثر علائقي پائيپورٽا جو دورو ڪيو. دوري دوران مقامي ماڻهن بادشاهه ۽ راڻِيءَ کي ڏسندي ئي احتجاج ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ مٿن گَپَ اڇلائڻ لڳا. ان موقعي تي سڪيورٽي اهلڪارن ڇٽِين جي مدد سان بادشاهه ۽ راڻيءَ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران مقامي ماڻهن بادشاهه کي ڏسي “قاتل قاتل“ جا نعرا به هنيا. ان ڏس ۾ هڪ وڊيو به وائرل ٿي وئي آهي. جنهن ۾ رهواسي بادشاهه کي “واپس وڃ، واپس وڃ“ جا نعرا هڻي رهيا هئا. ياد رهي ته چار ڏينهن اڳ آيل تاريخ جي بدترين ٻوڏ سان فوتين جو انگ 214 ٿي ويو آهي.