قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل عمران خان اڄ شام ڪارڪنن کي خطاب ڪندو

0
65
قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل عمران خان اڄ شام 4 وڳي اسپتال مان پريس ڪانفرنس ذريعي قوم کي خطاب ڪندو

پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ ۽ ٻين جي پڌرائي موجب عمران خان لاهور جي شوڪت خانم اسپتال ۾ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس به سڏائي ورتو، حملي کانپوءِ واري صورتحال جو جائزو ورتو ويندو

ذريعن موجب لانگ مارچ جاري رکڻ بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ مشاورت به ڪئي ويندي، حملي ۾ زخمي ٿيل عمران خان ۽ فيصل جاويد شوڪت خانم اسپتال لاهور ۾ علاج هيٺ آهن

ڊاڪٽرز موجب عمران خان جي حالت خطري کان ٻاهر آهي

ھي به پڙھندا

عمران خان جي حياتيءَ کي خطرا آهن: راڻا ثناءُالله

ڪي پي جي وزير انور زيب خان پاران هٿيار کڻي راڻا ثناءُ الله کي ڌمڪيون، وڊيو وائرل