ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) سپريم ڪورٽ قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه جي  رياضي جي اسسٽنٽ پروفيسر اصغر علي کان مضمون واپس وٺي انجنيئرنگ پڙهائڻ جو ٽاسڪ ڏيڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت اسسٽنٽ پروفيسر جي يونيورسٽي انتظاميا خلاف ٻي درخواست ٻڌڻي جي قابل نه هجڻ ڪري رد ڪري ڇڏي، عدالت  چيو ته درخواستن مان لڳي رهيو آهي ته اوهان يونيورسٽي بند ڪرائڻ ٿا چاهيو، جيڪڏهن يونيورسٽي بند ٿي ته توهان ڪيڏانهن ويندا؟  درخواستگذار اسسٽنٽ پروفيسر اصغر علي عدالت کي چيو ته هو رياضي سبجيڪٽ جو ماهر آهي، مادرعلمي انتظاميا کانئس رياضي جو مضمون واپس وٺي انجئيرنگ پڙهائڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي، انتظاميه جي فيصلي خلاف مون سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ته ڏنڊ سميت رد ڪئي وئي،  جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اسان ڏنڊ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو آهي، باقي مضمون تبديل ڪرڻ جو فيصلو مادرعلمي انتظاميا واپس وٺي ڇڏيو آهي، درخواستگذار چيو ته مونکي ٻڌڻ جو موقعو ڏنو وڃي، آئون عدالت کي حقيقتن کان آگاهه ڪري سگهان ٿو, جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر  چيو ته ڇا اوهان کي خوف آهي ته مسقبل ۾ اوهان جو مضمون تبديل ڪيو ويندو؟ جنهن تي درخواستگذار چيو ته ٻيا به مسئلا آهن، جسٽس عقيل  احمد عباسي چيو اوهان اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو، ٻارڙن کي پڙهائڻ تي ڌيان ڏيو، اهڙي طرح ته اوهان  ڪورٽ برڊ ٿي ويندا، عدالت درخواستگذار کان پڇاڻو ڪندي چيو ته اوهان جي تعليم ڪيتري آهي؟ جنهن تي درخواست گذارچيو ته مون ميٿا ميٽڪس ۾ ايم ايس سي ۽ فرانس مان پي ايچ ڊي ڪئي آهي، جنهن تي جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اسان جي ملڪ ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن جو قدر ناهي.